اين ڊي جتوئي

اين ڊي جتوئي

اين ڊي جتوئي

اين ڊي جتوئي: مشھور بيوروڪريٽ ۽ ليکڪ اين ڊي جتوئيءَ جو اصل نالو نظام الدين جتوئي ھو. پاڻ ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ پراڻا جتوئي، تعلقي موري ۾ 4 ڊسمبر 1943ع تي ڄائو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ پراڻا جتوئيءَ ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ثانوي تعليم حيدرآباد جي ٻن مشهور اسڪولن سينٽ بوناوينچر ۽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ ورتي. جڏهن ته گريجــوئيشن مسـلم ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (اسلامڪ ڪلچر) جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ اطلاعات کاتي ۾ اسسٽنٽ انفرميشن آفيسر جي حيثيت سان 1970ع کان ڪئي. اڳتي هلي 1975ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، اطلاعات کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ پوءِ ڪافي عرصو ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات کاتو سنڌ رهيو. اڳتي هلي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل بڻيو ۽ 2005ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو نگران چيئرمئن به رھيو. 2005ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ليکڪ جي حيثيت ۾ سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن ۾: ’رنڊا روڙيا جن“ (آتم ڪھاڻي: 2016ع)، ”نياپو نينھن جو“ (شخصيت ۽ شاعري: 2020ع) ۽ ”شجره جتوئي“ (تحقيق: 2021ع) شامل آهن. اين ڊي جتوئي 10 مارچ 2022ع تي وفات ڪئي.


لفظ اين ڊي جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.12.04  عيسوي

اين ڊي جتوئي ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ پراڻا جتوئي، تعلقي موري ۾ 4 ڊسمبر 1943ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد پشوري
ڀائي پرتاب
حسن بخش شاهه صوفي
اسٽيو جوبز
خدا ڏنو شاهه
ذهين شاهه تاجي
صعدي بن خريمه
ارجن ڪرشن
سيد دادن شاهه جهانيان
سليم ناصر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون